جعفر خان کوسو

جعفر خان کوسو: خان کوسو'>جعفر خان کوسو لاڙڪاڻي جي کوسن جو سردار هو. ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو: ”خان کوسو'>جعفر خان کوسو لاڙڪاڻي طرف کوسن ۽ ٻروچن جو سردار هو ۽ اتي پنهنجي رياست قائم ڪيو ويٺو هو. جڏهن سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پهريون دفعو پنهنجي ڀائرن سان صلح ڪري سنڌ جو ٽيون حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو به اچي ويو هو، ان وقت لاڙڪاڻي ۽ ان جي آسپاس کوسن ڦرلٽ ۽ فساد برپا ڪري ڏنو ۽ بغاوت ڪرڻ لڳا، ايستائين جو جعفر خان کوسي خدا آباد کي ڦرڻ لٽڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو. جڏهن ان بغاوت جي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي خبر پئي، تڏهن ميان غلام شاهه خان پنهنجي لشڪر سميت لاڙڪاڻي پهتو ۽ پهچڻ سان جعفر خان ۽ ٻين کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين، جن جي پٺيان هزارين کوسا ميان غلام شاهه جي فوج سان وڙهندي قتل ٿي ويا. کوسن سان گڏ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر به بغاوت ڪئي هئي. “


لفظ جعفر خان کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو